چيلاسنگهه سيتل داس ڪاليج

چيلاسنگهه سيتل داس ڪاليج

چيلاسنگهه سيتل داس ڪاليج

چيلاسنگهه سيتل داس ڪاليج (C & S College): سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان پوءِ ۽ جديد سنڌي لپيءَ جي تشڪيل بعد سنڌ ۾ تعليمي انقلاب جون نيون راهون روشن ٿيون. اَپر سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ ڪيتريون اهڙيون علمي شخصيتون موجود هيون، جن پنهنجي ڄاڻ ۽ ڏاهپ سان سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ ڪيترا تعليمي ادارا قائم ڪيا. انهن تعليمي ادارن ۾ چيلاسنگهه سيتل داس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور جو اهم ڪردار آهي. جنهن جي سونهري تاريخ تي سنڌ تي سدائين فخر ڪندو. هن ڪاليج جو سمورو ڪريڊٽ سيٺ سيتل داس تيرٿ داس پنجابيءَ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اهڙي شاندار ڪاليج کي برپا ڪرڻ لاءِ تصور پيش ڪري، عملي قدم کنيا. هن 1926ع کان پنهنجي سپني کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي، ۽ 1927ع ۾ اَپر سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن رجسٽر ڪرائي. ساڻس هن علمي ڪم ۾ مسٽر ٺاڪر داس، نارائڻ داس (جج)، سيٺ چيلاسنگهه سترامداس ۽ پروفيسر شيوارام ڀيرواڻيءَ کان سواءِ سيٺ دولترام، سيٺ شولداس، ڊاڪٽر ڀڳوان داس، ڊاڪٽر ڪشنچند، ديوان واڌو مل گوڪلاڻي ۽ ڦٻو مل جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن سڀني جي ڪوششن سان 17 جولاءِ 1933ع تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو، جيڪو ايڇ. ٽي. سورلي ڪيو، جڏهن ته اصل ۾ هن ڪاليج جو افتتاح ميران اسڪول حيدرآباد جي باني، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ کي ڪرڻو هو، جيڪو بيماريءَ سبب پهچي نه سگهيو. افتتاحي تقرير ديوان ڀوجسنگهه ڪئي. هن ڪاليج جي قيام لاءِ ابتدائي طور سيٺ سيتلداس 25000 روپيا گڏ ڪيا، جڏهن ته شڪارپور ۾ سخي شخص سيٺ چيلاسنگهه سترام داس 65000 روپيا ڏان ۾ ڏنا. نتيجي طور هنن ٻنهي شخصيتن جي مڃتا طور ڪاليج جو نالو ’چيلاسنگهه اينڊ سيتل داس ڪاليج‘ (سي. اينڊ ايس. ڪاليج) رکيو ويو. سکر جي تڏهوڪي ڪليڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي، پنهنجي صدارتي تقريب ۾ ڪاليج جي بانين جي ڪوششن کي ساراهيو. ’چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج‘ 1937ع ۾ پراڻي ميونسپل بلڊنگ مان نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، جيڪا قومي شاهراهه تي جُڙي راس ٿي هئي. هن ڪاليج جو سنڌ جي علمي ادبي تاريخ ۽ تعليمي سجاڳيءَ ۾ وڏو حصو آهي. جنهن ۾ تعليم جي جديد طريقن کي اختيار ڪيو ويو. سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن هن ڪاليج مان تعليم پرائي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.07.17  عيسوي

هن علمي ڪم ۾ مسٽر ٺاڪر داس، نارائڻ داس (جج)، سيٺ چيلاسنگهه سترامداس ۽ پروفيسر شيوارام ڀيرواڻيءَ کان سواءِ سيٺ دولترام، سيٺ شولداس، ڊاڪٽر ڀڳوان داس، ڊاڪٽر ڪشنچند، ديوان واڌو مل گوڪلاڻي ۽ ڦٻو مل جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن سڀني جي ڪوششن سان 17 جولاءِ 1933ع تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو،



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي
ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي
بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي
ايس ايم ڪاليج
سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس
پولي ٽيڪنڪ
سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج
سنڌ يونيورسٽي
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون